ھاڃي بابت
معنيٰ
تڪليف، مصيبت، ڏچو، نقصان. ويل. عذاب.
Misery, pain, loss, agony.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳَورِيُون ٿِيُون ڳَمَنِ، ھاڃي تان نَہ ھَڄَنِ، ڌاران سِڪَ سَيِّدُ چئَي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاھُ کُوءِ، آتَڻُ ٻَنِ جيڏِيُون، ساڄَنُ مُنھِنجو ساھُ، ھاڃي ۾ ھَڻِي وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- جَي ڀائِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ، تَہ ھاڃي سَندِي ھَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ، عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ، ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]