ھاڃي جي سنڌي معنيٰ
تڪليف، مصيبت، ڏچو، نقصان. ويل. عذاب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Misery, pain, loss, agony.
ھاڃي جا بيتن ۾ حوالا
ھَورِنِ ھاڙھو لَنگِهئو، ڳَورِيُون ٿِيُون ڳَمَنِ،
ھاڃي تان نَہ ھَڄَنِ، ڌاران سِڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 12 ]
ھاڃي تان نَہ ھَڄَنِ، ڌاران سِڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 12 ]
ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاھُ کُوءِ، آتَڻُ ٻَنِ جيڏِيُون،
ساڄَنُ مُنھِنجو ساھُ، ھاڃي ۾ ھَڻِي وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 11 ]
ساڄَنُ مُنھِنجو ساھُ، ھاڃي ۾ ھَڻِي وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 11 ]
حَمِيرَ جي ھاڃي جِي، مُون نَہ پَرُوڙِي مامَ،
عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ،
ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي ڀَڳي هامَ،
سَرَتِيُنِ جا سَلامَ، مِيان مَلِيران آيا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 6 ]
عُمَرُ آيو اوچتو، ڪاهي کَڻِي ڪامَ،
ڇَڏيَمِ حِيلا هِنَ ھَنڌَ جا، هِينئَڙي ڀَڳي هامَ،
سَرَتِيُنِ جا سَلامَ، مِيان مَلِيران آيا.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 6 ]
جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ،
تَہ ھاڃي سَندِي ھَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 14 ]
تَہ ھاڃي سَندِي ھَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 14 ]
English Meaning
Misery, pain, loss, agony.