ھالارَ بابت
معنيٰ
ھالار، سنڌ جي الهندي طرف واري جبلن جي قطار جو نالو (جنھن ۾ مکيہ ٽي جبل اچي وڃن ٿا، ڪرو جبل، کيرٿر جبل ۽ پٻ جبل). ڪڇ، ڪاٺياواڙ جي الهندي پٽيءَ جو نالو (جنھن ۾ ڄام نگر شامل آھي).
Halar, series of mountains if western side of Sindh. There are three mountains situated within this area. Karo, Khirthar and Pabb. Same name is also situated in western part of Kachh (Kathiyawar).
![](https://bhittaipedia.org/assets/images/613a72d3b9732.jpg)
بيتن ۽ وائين ۾
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- جَو ڇَلِيُون پَسِي ڇَڪِئو، تَنھِن واکاڻِئو وِکَ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، لَکَنِ اَڳِئان لِکَ، پيرُ نَہ موڙي پانھِنجو، تَنگِيءَ پيئِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]