ڳَچَ بابت
معنيٰ
جهجها، ڪافي، جال، جام، هيڪاندا، زيادہ، وڌيڪ، گهڻ گهڻيون، ڳپل، ٽُڪرَ، ڀاڱا، حصا، ٽوٽا. ماس جا ٽڪرا، دڳل.
Much, a great deal, many.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ، پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ، سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا، اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري، ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ڪُو ڪِئو پُڇي ڪوھُ، ھَي ڪِئو ھَڻي ھَٿَڙا، سا ڏُکان ئِي نَہ ڏي، مَٿي ڏيرَنِ ڏوھُ، رائو روئِي روھُ، مُنڌَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]