گُڙَنِ بابت
معنيٰ
گُرڻ، آواز ڪرڻ، گجڻ. گوڙ ڪرڻ. مست اُٺ جو آواز ڪرڻ. هاٿيءَ جو چنگهار ڪرڻ. چَپن ۾ ڳرو ڳالهائڻ، (گُڙيو، گُڙندو، گڙيل).
Roaring, make sounds, sounding, woofing, making noises, thundering.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪيڏاھَن اُٿِي وييُون، ڪيڏاھَن گِهنڊَ گُڙَنِ، تيڏاھَن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏاھَن پُٺِ ميھارَ جِي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، وَڳَ نَہ پَسان وَٽِ ۾، آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽاڻُو چِتِ ڪِئو.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، جهوڪُنِ سُونھَنِ پَھِيَڙا، سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري چَڏَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]