ڪُوڙَنِ بابت
معنيٰ
ڪُوڙُ ڪندڙن، ڪُوڙ ڳالهائيندڙن، جُوٺن، ڪُساکن، ڪَذابن، کوٽن. فريبين، دغابازَن. جعلين، مصنوعين، بناوتين.
Liars, false, counterfeit, spurious, inconstant, insincere. By mere report, with doubtful accuracy.
بيتن ۽ وائين ۾
- ماءُ مُنھِنجو جِندَڙو، کَنيو خِيالَنِ، ڪُوڙَنِ ڪَذابَنِ، پوءِ رَھايَسِ پِرِينءَ ري.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- لُوٺِيَسِ لاڳاپَنِ، نَنگَ نِھوڙِيَسِ جيڏِيُون، ڪُوڙَنِ آسانگَنِ، پَنڌان کارِيَسِ پِرِينءَ جي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سَرُ وِڃايو سُرَھو، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، دَدا دانھُون ڪَنِ، سَندِي ذاتِ ھَنجَنِ، مُنھُن کوڙي موتِي چُڻي.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو، وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جِتي ھُئا ھَنجَڙا، اُتِ ٻَگها ٻِئا ٿِئا، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ سين، پَسو پَھَ پِئا، سَھَڙَنِ سانباھا، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]