ڪُوڙَنِ جي سنڌي معنيٰ
ڪُوڙُ ڪندڙن، ڪُوڙ ڳالهائيندڙن، جُوٺن، ڪُساکن، ڪَذابن، کوٽن. فريبين، دغابازَن. جعلين، مصنوعين، بناوتين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Liars, false, counterfeit, spurious, inconstant, insincere. By mere report, with doubtful accuracy.
ڪُوڙَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ماءُ مُنھِنجو جِندَڙو، کَنيو خِيالَنِ،
ڪُوڙَنِ ڪَذابَنِ، پوءِ رَھايَسِ پِرِينءَ ري.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 11 ]
ڪُوڙَنِ ڪَذابَنِ، پوءِ رَھايَسِ پِرِينءَ ري.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 11 ]
لُوٺِيَسِ لاڳاپَنِ، نَنگَ نِھوڙِيَسِ جيڏِيُون،
ڪُوڙَنِ آسانگَنِ، پَنڌان کارِيَسِ پِرِينءَ جي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 15 ]
ڪُوڙَنِ آسانگَنِ، پَنڌان کارِيَسِ پِرِينءَ جي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 15 ]
سَرُ وِڃايو سُرَھو، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، دَدا دانھُون ڪَنِ،
سَندِي ذاتِ ھَنجَنِ، مُنھُن کوڙي موتِي چُڻي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 4 ]
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، دَدا دانھُون ڪَنِ،
سَندِي ذاتِ ھَنجَنِ، مُنھُن کوڙي موتِي چُڻي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 4 ]
وِئا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَہ رَھِئو ھِڪِڙو،
وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 8 ]
وَطَنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 8 ]
جِتي ھُئا ھَنجَڙا، اُتِ ٻَگها ٻِئا ٿِئا،
ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ سين، پَسو پَھَ پِئا،
سَھَڙَنِ سانباھا، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 31 ]