ڪُوماڻو بابت
معنيٰ
مُنھن ھاريو، ڏکارو ٿيو، غمگين ٿيو، مَلول ٿيو. وائڙو ٿيو، حيران ٿيو، پريشان ٿيو، حيرت زدہ ٿيو.
Crest-fallen, sad, become pale, fainted
بيتن ۽ وائين ۾
- کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ، سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ، تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ، جَهڪو…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پَنُ، تِئان ڇاڻي ڇَڳيُون، مَيي رَتو مَنُ، تَنھِن وَلِ سَندو وَڻُ، ڪُوماڻو ڪوڙِ لَھي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ، لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ، ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ، مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ، کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]