ڪُتو بابت
معنيٰ
هڪ گهرو پالتو جانور، ڪلبُ، سَگُ. اصطلاح غلام، بندو.
A dog.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُتو چئَي قَرِيبَ جا، آھِيُون ساڌَ صَحِي، پھرِين باتِ بَھِي، پُڇان پوءِ پانڌِن کي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ، چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪُتو ڪُرٽي ھَڏِيُون، جَوانَمردُ جِگرَ کاءِ، اَلدُنیا جیفَتہ وَ طالِبَھا ڪَلاب ، اِيءَ ھِنيَين سين لاءِ.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- جَنِي سَندو ڪُتو، سي جَي چُونِسِ آءُ، لُڙُ لَهرِيُون واءُ، ڪُتي سَڀَ قَبُولِئا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪُتو ڪوٺائِين، ڪَرِين نَہ ڪارِ ڪُتَنِ جِي، ٽُڪُرُ کائِين سائِينءَ جو، بَھُڪين ڪُسائِين، سائِينءَ ڪِيئَن سِيبائِين، اُليڙَ اِنِ عادَتين.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ويٺو آھي واٽَ تي، ڪُتو ڪُتِيءَ وَٽِ، پَلَئَہ پانڌِيئَڙَنِ جا، چِيرِيو ڪَري چَٽُ، جا گُلِرَ ۾ گهَٽِ، سا پونچِي ٿِي…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪوڪَھِين جو، جَي ڪُتو ڪوٺائي، وَڙو جَي بي وَڙو، اُنَهنِ جو آھي، لائِقُ لوڌَ آھي، پَرَ لوڌِينِسِ نَہ لوڌِ مان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڪُتو جي ڪانءُ، پِريان سَندي پارَ جو، اُنِهين مَٿان آنءُ، ڪوڙِ ڀيرا قُربانُ ٿِيان.[ سُر پورب - ڪانگ ]