ڪَڙَڪو بابت
معنيٰ
وڏي ڪڙڪي وارا آواز، ڪڙڪاٽ، ڪڙڪاءُ، ٺڪاءُ. وڻ وغيرہ جي ڪرڻ جو آواز، ڌڙڪاٽ. گوڙ جي گجڪار. زور ساڻ ڳالهائڻ جو آواز، دهل وغيرہ وڄڻ جو آواز، واڄَٽ.
Bangs, noises, loud voices, boiling sounds, thunders
بيتن ۽ وائين ۾
- ديڳِيين دوڳَ ڪَڙَھنِ، ڪَڙِيءَ ڪَڙَڪو نَہ لَھي، تِتي طَبِيبَنِ چاڪَ چِڪَندا ڇَڏِئا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو، لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو، مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو، آيُمِ اُنَهِيءَ پارَ جو، دِلِ اَندَرِ ڌَڙَڪو، ڀَڃي شَڪَ سَيِّدُ چئَي، سِيرَ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مانجِهيان اِي مَرَڪُ، وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مَنجِهي جِتِ مَرَنِ، مِصرِيُنِ مُنھَن ڪَڍِئا، ھَڏَ ڪُرڪِرا ڪَنِ، اللهَ شَهزادَنِ، سوڀُون ڏيِين سَچا…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]