ڪَسَرَ بابت
معنيٰ
اُپَت، کَٽيو، لاڀُ، پراپَت، فائدو، اُپراسو. واڌَ، واڌي، زيادتي،گهڻائي، اڪثريت، جهجهائي.
A saving, a gain.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجُهہ وَڌَندِيُون، ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ، مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ، وِکون وِجُهہ وَڌَندِيُون، سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ، ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ، مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ، توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ، اِيَھِين…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ، پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ، لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]