ڪَؤُنرَ بابت
معنيٰ
شھزادا، ڪمار، راجڪمار. راج دُلارا، ڳڀرو نوجوان، جانٺا، سھڻا سيبتا جوان (شراب جا شوقين)
Princes, beautiful, youth

بيتن ۽ وائين ۾
- بَٺِنِ ھيٺان باھِ، مَڇُڻ آڳِ اُجهائِيينُ، رُپو ڪَندا راھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلاڙين آيا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي، ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي، بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي، فِڪرَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڪِجي جَي ڪاموڏَ، اَچي ساءُ سُرودَ مان، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ، جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ٽِڙَنِ، واھُوندا وَرَنِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرِئو، وانءُ وِھاڻِيءَ ڀَؤُنرَ، سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ، مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]