ڪَؤُنرَ جي سنڌي معنيٰ
شھزادا، ڪمار، راجڪمار. راج دُلارا، ڳڀرو نوجوان، جانٺا، سھڻا سيبتا جوان (شراب جا شوقين)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Princes, beautiful, youth
ڪَؤُنرَ جا بيتن ۾ حوالا
بَٺِنِ ھيٺان باھِ، مَڇُڻ آڳِ اُجهائِيينُ،
رُپو ڪَندا راھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلاڙين آيا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 23 ]
رُپو ڪَندا راھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلاڙين آيا.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 23 ]
چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي،
ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
موٽِئا نَہ ماري، ڪَؤُنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 28 ]
ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
موٽِئا نَہ ماري، ڪَؤُنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 28 ]
ڪِجي جَي ڪاموڏَ، اَچي ساءُ سُرودَ مان،
ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ،
جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ اوڏَ،
تَماچِيءَ تَنبُوڏَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 1 ]
ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ڪَڪورِئا، ھيٺِ لَهرنِ لوڏَ،
جِيئَن سَمي دَرِ گَندَرِيُون، تِيئَن لاکَي دَرِ اوڏَ،
تَماچِيءَ تَنبُوڏَ، راتِ وَڄايا ريلَ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 1 ]
ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ٽِڙَنِ،
واھُوندا وَرَنِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 3 ]
واھُوندا وَرَنِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 3 ]
اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرِئو، وانءُ وِھاڻِيءَ ڀَؤُنرَ،
سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ،
مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو جَنِ سين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 33 ]
سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ،
مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو جَنِ سين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 33 ]
English Meaning
Princes, beautiful, youth