ڪيڏو بابت
معنيٰ
ڪيترو وڏو، ڪيترو. ڪنھن جيڏو، ڪنھن جيترو.
How large. How very large.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾، ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ، ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ، مُنھَن ڪاري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- جانِبَ تُون جيڏو، آھِين شانَ شَعُورَ سين، مُون تي ڪَرِ مُنھِنجا پِرِين، توھُ تُسِي تيڏو، اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو جِيئَن…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏھِن ڀَرِيوئِي ڍورُ وَھي، جَسودَنَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَھِيَڙو.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ، چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ، جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]