ڪيڏو جي سنڌي معنيٰ
ڪيترو وڏو، ڪيترو. ڪنھن جيڏو، ڪنھن جيترو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
How large. How very large.
ڪيڏو جا بيتن ۾ حوالا
سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾،
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ،
مُنھَن ڪاري مَروانُ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 3 ]
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ،
مُنھَن ڪاري مَروانُ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 3 ]
جانِبَ تُون جيڏو، آھِين شانَ شَعُورَ سين،
مُون تي ڪَرِ مُنھِنجا پِرِين، توھُ تُسِي تيڏو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو جِيئَن نَوازِينمِ نِگاھَ سين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 1 ]
مُون تي ڪَرِ مُنھِنجا پِرِين، توھُ تُسِي تيڏو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو جِيئَن نَوازِينمِ نِگاھَ سين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 1 ]
لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ،
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]
ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏھِن ڀَرِيوئِي ڍورُ وَھي،
جَسودَنَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَھِيَڙو؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 6 ]
جَسودَنَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَھِيَڙو؟
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 6 ]
English Meaning
How large. How very large.