ڪوھَنِ بابت
معنيٰ
جبلن، پھاڙن، ٽڪرن.
Mountains, hills.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪا ڪَري، تُون کُھِي کَڻِجِ وِکَ، تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتي ڪوھَنِ ۾ ڪارِي، سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي، روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]