ڪوھَنِ جي سنڌي معنيٰ
جبلن، پھاڙن، ٽڪرن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mountains, hills.
ڪوھَنِ جا بيتن ۾ حوالا
سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪا ڪَري، تُون کُھِي کَڻِجِ وِکَ،
تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 14 ]
تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 14 ]
جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ،
مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،
صُبحِ سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وِئامِ،
ڪِيھُون ڪوھَنِ پَٽِيين، ڪُوڪُون جَمازانِ،
ھوتاڻِي ھَٿُ کَڻي مَنَ پُنهون پِيادِيانِ،
ھَڪَل ھوتَ پُنهونءَ جِي، سَڳَرَ ۾ سُيامِ،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿاھَرَ ٿوڀَ ٿِئام،
ڪوڙيِين ڀالَ پُنهونءَ جا، گَنجي مَنجِهہ گُهرِيامِ،
سُتي سَنگهَر پَٽِيين، جَنھِن سِگهَڙِي سارَ لَڌِيام،
وِلِهُون ويلا ڇَپَرين، ڪارَڻِ جَنِ ڪِئامِ،
موٽِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾ اَڱَڻِ سي آيامِ.
[ سُر معذوري، وايون، 3 ]

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتي ڪوھَنِ ۾ ڪارِي،
سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي،
روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 12 ]
سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي،
روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 12 ]
English Meaning
Mountains, hills.