ڪاغَذُ بابت
معنيٰ
ڪاڳر، ورق، پَنو. قرطاسُ، پَتر، پرچو. چِٺِي، پُرزو، خط پٽ. لکت، تحرير، نامو. قبض، دستاويز. کَنڌو، ليکو، حساب. هُنڊي، نوٽ.
Paper, page, wrapper.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو وِڃائِين مَسُ، ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اللهَ اوٺِي آڻِيين، جٖي نِياپا نِينِ، آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ، مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڪاغَذُ لِکان ڪِيئَن، جِيئَن ھَڻِئو اَمُرُ اَڌَ ڪَري، واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن، رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]