ڦوڙائي بابت
معنيٰ
جدائي، آراڌي، علحدگي، ورھ، برھ، وڇوڙي، فراق. عشق جي جدائيءَ. ڏُک، ارمان، غم، رنج.
Separation from a loved object, the pangs of such separation.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهہ کي، رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي، وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- وَڃو سَڀَ وَرِي، اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون، ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي، ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ، اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ، پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڏُونگَرَ مُون سين روءُ، ڪَڍِي پارَ پُنهونءَ جا، سَڄَڻُ ھومِ ھيڪِڙو، وِئو ڦوڙائي سو، ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، مُون سين…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙَمِ سَڄَڻين، مادَرِ مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِيَنِ جي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- کِيمو کاڌِيمِ کيتَ سين، مانِيءَ ماڳِ مِسِي، بازَرِ تُنھِنجِي بَنگُلا، ڏَهڪِئُمِ ڏِيلُ ڏِسِي، ڦاٽِي هِنيُون ڦارِيُون ٿِئو، تَنھِن ڦوڙائي کان…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]