ڦوڙائي جي سنڌي معنيٰ
جدائي، آراڌي، علحدگي، ورھ، برھ، وڇوڙي، فراق. عشق جي جدائيءَ. ڏُک، ارمان، غم، رنج.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Separation from a loved object, the pangs of such separation.
ڦوڙائي جا بيتن ۾ حوالا
اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهہ کي،
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 1 ]
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَڻَ مُون لَئي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 1 ]
وَڃو سَڀَ وَرِي، اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون،
ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 8 ]
ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 8 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ،
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
ڏُونگَرَ مُون سين روءُ، ڪَڍِي پارَ پُنهونءَ جا،
سَڄَڻُ ھومِ ھيڪِڙو، وِئو ڦوڙائي سو،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، مُون سين اِرادي اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 17 ]
سَڄَڻُ ھومِ ھيڪِڙو، وِئو ڦوڙائي سو،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، مُون سين اِرادي اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 17 ]
گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙَمِ سَڄَڻين،
مادَرِ مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِيَنِ جي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 2 ]
مادَرِ مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِيَنِ جي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 2 ]
کِيمو کاڌِيمِ کيتَ سين، مانِيءَ ماڳِ مِسِي،
بازَرِ تُنھِنجِي بَنگُلا، ڏَهڪِئُمِ ڏِيلُ ڏِسِي،
ڦاٽِي هِنيُون ڦارِيُون ٿِئو، تَنھِن ڦوڙائي کان ڦِسي،
جان هُوندِيَمِ ساڻُ سِسِي، تَہ ويڙِه نَہ ويندِيَمِ وِسِري.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 19 ]