ڏِنَمِ بابت
معنيٰ
مون ڏنا، حوالي ڪيا.
I've given.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جالارا، ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا، ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڏَاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ٽِنهِي ڏِنَمِ ڏُکَ، سي سَڀَ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا، لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا، دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ، لَکين لوڊِي آيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ، ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَھَڪَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي واھُوندَنِ وَسَ، عُمَرَ اُنِهينءَ ڏيھَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلِرُ نِڱِئو لَسَ، آڻِئو وِجَهنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]