ڏَڏُ بابت
معنيٰ
بي عِلم، اڻ پڙهيل، جاهل. اَڻ ڄاڻُ، بي سمجهہ، اَناڙي، بي وقوف، نادان، مورِکُ، ڄَٽُ. جَڏو، جَڏالُ، چَٽُ، مُڏُ، موڳو، موگَشٽُ، مُنڌَل، موڳئٽُ، ٺُٺُ، ڀؤندو، پِسُون، سيکِڙاٽُ.
Dull, dumb, immature, stupid.
بيتن ۽ وائين ۾
- جکَري جِھو، نَڪو سَمُو سِنڌُ ۾، وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو، اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان، سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ، جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏَڏُ، سُڻِي تُنھِنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جِيئَن تُون ڏَڏُ ٿِئو، تِيئَن لَنگِهي ٿِي لَڄَ مَري، سُڀان سِياڪو، صَحِي مِڙَندو مَڱڻا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏَڏُ وَڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱِڻو، نَہ ڪَنھِن نِيو پاڻَ سين، نَہ ڪَنھِن ڪِئو گَڏُ، سَٻَڙَ ڪَري سَڏُ، کَڻِي ڏَڏُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا جِي وائِي، سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي، جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]