ڏيجَ بابت
معنيٰ
عورت کي شاديءَ وقت مائٽن کان مليل سامان، ڏاجُ، ڏاجو، ڏيجو، جَھيزُ، استري ڌَنُ، مَھرُ.
The paraphernalia of a bride, vestments and furniture of every kind which a bride brings to her husband's house; bride's portion, a dowry.
بيتن ۽ وائين ۾
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئائِين ڀيڄَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سارَنگُ چاڙِھي سيجَ، تَنھِن نُورِيءَ نَوازي، ڏيئِي ڏِنَڙا ڏيجَ، ٻِجُ کَڻِي…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي پانھِنجي، جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ، وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهونءَ جو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]