ڏاڍو بابت
معنيٰ
مھان، وڏو، مضبوط، سگهارو
Mega, big
بيتن ۽ وائين ۾
- عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون، دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون، آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون، تِھان پوءِ…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿِئي، سا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جٖي حاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ، مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، ڪَپي ۽ ڪوري، سَگهان نَہ چوري، ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، نَہ مُون ساڻُ سَمَرُ، سَفَرَ جو سَيِّدُ چئَي، ڏاڍو سُڄي ڏَرُ، جانِبَ ڌاران جيڏِيُون، ڀَروَسو نَہ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏاڍو ڏوري ڏورِ، سُپيرِيان جي سُورِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڏُونگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍو ڏاڍايُون ڪَرِين، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَھين، جِيئَن وَڻُ وَڍي واڍو، ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نَہ تَہ…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- وَڏِيءَ سَٽِ سُورَنِ جي، ڏاڍو ڏورِيائِين، تَتِيءَ تايائِين، جهولو مُنڌَ جُهڙُ ٿِئو.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- اي مِيان سَڄَڻَ، تو ري ڪِيئَن رَھندا نيڻَ مُنھِنجا، جَنِ جو آڌارُ تُون، جِئائِين اُلَهي اُڀَري، توڙي تِئائِين پَري، توءِ…[ سُر آسا - وايون ]
- جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا. ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ. ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.…[ سُر گهاتو - وايون ]