ڍُرِي بابت
معنيٰ
لَڙِي، ڦِرِي، لنگهي، پيھِي، اندر ٿي. گِڙي.
Moved, returned, came, poured.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ، سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ، پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ، چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون ڪاھي ڪاماري، وُٺا پَٽَ پُراڻِ جا، اُٺِيُون ساماري، ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، پَسو وِڄَڙِيَنِ ويسَ ڪِئا.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَتِ پييُون، وِڄُون ويسَ ڪَري، مِينھَن وَسِي مُلِڪَ جا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري، قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ وارا، اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا، واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ ڌَرَمَ، واحِدَ وَڏائِي ڪِئا، ڪُنڊِيُنِ ساڻُ ڪَرَمَ، سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پِييُون، وِڄُن ڪِئو واڄو، پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو، سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهارِيءَ وِيءَ، سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ، جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهرِيين وَرَنَ، اُٺي ٿِي اُتَهِين، ڇاڇِ سَڀَڪا ڇَنَ، جي مُحِبَ اَندَرِ مَنَ، سي پِرِين پيھِي…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]