ڍورَ بابت
معنيٰ
نھر، ڍورو. سنڌو درياءَ جي ھڪ پراڻي وھڪري جو نالو، سمنڊ ، درياھ.
River, water way, old name of Indus's water way, big canal of water.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرِ ڪي ڳالِهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون، ڪَنھِن پَرِ راتِڙِيُون، ڪَنھِن پَرِ ڏِينھَن گُذارِيَئُون.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڪَرِ ڪا ويھِي ڳالِهہ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جِي، ھَي ھِھَڙي حالَ، ڏُکِئا ڏِينھَن گُذارِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- تو جَي ھُئَڙو وَڍُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، ھُوندَ نَہ ڏِيين ڏُٿُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- تو جَي ھُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، مَٿي لامُنِ ٻُورُ، موري مَڃَرَ نَہ ڪَرِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڀَرِئو ڍورَ تَراءُ، پيٺِيُون ڪوٽَ دَرازِئا، نَہ سي پاڻِيءَ وارِيُون، نَہ سو ھُلُ ھُڳاءُ، اَدِيُون آڳَڙِيا، کَڻِي ڪَنھِن کُوڻِ وِئا.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]