چِڪَنِ بابت
معنيٰ
ٽِمَن، ٽيپو ٽيپو ٿي وَهن، اُٻرن، عرق نڪرين. ٽَھڪن، ڳَڙَن. سِمَن. (ڦَٽَ جو پُونءِ وغيرہ ڇڏڻ. زخم جو سُتت نہ ڇُٽڻ، مرض ۾ گهڻو وقت مبتلا رهڻ، ڦَٽُ اُٿلي پوڻ.)
To distil. To issue as pus from a sore.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو، ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ، لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ، مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري، ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ، کاڻِيُون لوٺِيُون…[ سُر راڻو - وايون ]
- عُمَرَ اَباڻَنِ کي، چوٿِينءَ چِڪَنِ چاڪَ، مارُئِي مارُوئَڙَنِ جي، فَنا ڪِي فِراقَ، ڪاٺِيارا ڪَذاڪَ، ڪَنھِن ڏُوراڻي ڏيھِ وِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]