چِيئَن بابت
معنيٰ
ڏاگَهہ، چِکيا. سُورِي. آزار. داغ. (چيئن چاڙهڻ: سوريءَ چاڙهڻ. آزار ۾ وجهڻ. سورن ۾ وجهڻ. ”مون کي چاڙهي چِيئن، ويو وڻجارو اوهِري“)
Pyre

بيتن ۽ وائين ۾
- سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن، مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو…[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، مُون کي چاڙِھي چِيئَن، آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، جُھ اُنِ ٿَرِ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڪاغَذُ لِکان ڪِيئَن، جِيئَن ھَڻِئو اَمُرُ اَڌَ ڪَري، واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن، رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]