چَمُ بابت
معنيٰ
کَلَ، چَمڙي، پوست. چَمڙو، ڇوڙو.
Skin, leather, demise, cutis

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاتِي جا قَرِيبَ جِي، ھَڏُ چِيري چَمُ، عاشِقَنِ پَنھِنجو اَنگُ، لِلهِ ڪارَڻِ وَڍِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ، سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- چِيري چِيري چَمُ، لُوڻُ لِڱَنِ لائِيين، مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ، جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]