ڀاڻَ بابت
معنيٰ
جايُون، هنڌ، ماڳ، آستانا، ڀاڻا. مال جي ويھڪ جون جايُون، وٿاڻ. گهر. ڳُوٺ واهڻ، وَسِتيُون.
Places where cattle are kept or manure is collected, a cowpen. villages, areas, living places. A dung hill. The excrement of cows or buffaloes used as manure etc.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويئِي سُونھَن سَسُئِيءَ جِي، پُنهون ٿِيَسِ پاڻَ، سَڀَنِي جِي سَيِّدُ چئَي، آھي اِتِ اُماڻَ، ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، پوءِ رَھايَسِ پاڻَ، جٖي ڀُلايُون ڀاڻَ، رَسُ رَسِيلا تَنِ کي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- وَنھِيان ٿِيَنِ وَٿاڻَ، ڏوگاھِي ھُئانِ جٖي، سيئِي ڀيڻِيُون ڀاڻَ، موٽِي مارُوئَڙَنِ اَڏِئا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِهہ وَٿاڻَ، سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ، عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]