ڀالا بابت
معنيٰ
ڏڦا، نيزا. وڏا سيلهہ، ٻٻر جا ڪنڊا.
Spears, lances.

بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ، ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ، مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- اِيءُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ، ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- نيڻَ صَقِيلَ سُپِرِين، ڀَؤُنرَ ڀِرُونِ ڀالا، چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- سَتِيُنِ ڳالِهہ سُئِي، تَڏِهِين سَرَتِنِ سِنجَڻُ ڇَڏيو، ماڙيچِي ماڙِيين، ڪَڏِهِين ڪانَہ هُئِي، عُمَرَ آئُون نَہ مُئِي، اِنَ اوڀالا اَڳَھِين.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]