پِڃِرو بابت
معنيٰ
جهنگلي جانورن کي بند ڪرڻ لاءِ ٿلهين سيخن مان ٺهيل اڏاوت. پکين کي ويھارڻ يا بند ڪرڻ لاءِ تيلين يا تارن مان ٺهيل کوکو، قفس. ڪَٽھڙو. بُت، ڍانچو.
A cage, a trap for birds rats etc. the ribs. Any open work of wood etc. lattice work. Bony frame work of the body, skeleton
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَھَدَ اللهَ جا، پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ، مَعلُومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھا اِنَهِيءَ ڳالِهہ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَڪِي کِکِي کاءِ، ڄامَ تَماچِيءَ لاءِ، پاڪُ رَکِيائِين پِڃِرو.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي ھَنجُ، پيھِي جان پَرُوڙئو، مُون پانھِنجو مَنجُهہ، ڏِيلَ جَنھِن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]