پِڃِرو جي سنڌي معنيٰ
جهنگلي جانورن کي بند ڪرڻ لاءِ ٿلهين سيخن مان ٺهيل اڏاوت. پکين کي ويھارڻ يا بند ڪرڻ لاءِ تيلين يا تارن مان ٺهيل کوکو، قفس. ڪَٽھڙو. بُت، ڍانچو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A cage, a trap for birds rats etc. the ribs. Any open work of wood etc. lattice work. Bony frame work of the body, skeleton
پِڃِرو جا بيتن ۾ حوالا
ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَھَدَ اللهَ جا،
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ،
مَعلُومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھا اِنَهِيءَ ڳالِهہ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 7 ]
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيءَ تائِين چُورُ،
مَعلُومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھا اِنَهِيءَ ڳالِهہ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 7 ]
نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، نَڪِي کِکِي کاءِ،
ڄامَ تَماچِيءَ لاءِ، پاڪُ رَکِيائِين پِڃِرو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 3 ]
ڄامَ تَماچِيءَ لاءِ، پاڪُ رَکِيائِين پِڃِرو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 3 ]
سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي ھَنجُ،
پيھِي جان پَرُوڙئو، مُون پانھِنجو مَنجُهہ،
ڏِيلَ جَنھِن جو ڏَنجُهہ، سو مارِي ٿو مَنجِهہ وِڙِھي.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 37 ]