قَدِيمُ جي سنڌي معنيٰ
ازلي، اڳوڻو، پُراڻَوِ، پراچين. آبائي، موروثي، جَدي، پيءُ ڏاڏي جو. هو اڳي ٿيو اڳئين زماني جو وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
قديم: (ع) آڳاٽو، انادي، سرشٽيءَ کان اڳي، ازل کان.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
Ancient, the oldest etc
قَدِيمُ جا بيتن ۾ حوالا
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]
English Meaning
Ancient, the oldest etc
قَدِيمُ ٻول جا زمرا