پَھرِيون بابت
معنيٰ
اوائلي، مُنڍوارو. شروع وارو، اڳيون، ابتدائي. قطار ۾ مُنڍ وارو.
First, foremost, initial.
بيتن ۽ وائين ۾
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ، ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ، ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا تو، ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پانھِنجي ڪَرَھي، وَليُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيون مَٿي پَٽَ، چانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]