پَڪا بابت
معنيٰ
پختا، پچيل، دائمي، مضبوط، جانٺا، پڪل، رَسيل.
Ripe, mature, cooked as food, baked as bricks, firm, strong, cunning, artful, knowing, proved, expert, peremptory.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي آکو تَہ ڪوھُ، ڪَچو آيُمِ ڪَمِ، جِيءَ جَنِي جا جَمِ، پَڪا سي پُڇَندِيُون.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِھائين، مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ، ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ، اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا جيھا اَڪَ، پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- پَڪا پَنوَھارَنِ ڏي، ميوا مَڃَرَ مَڪَ، عُمَرَ اَتِ اُڪَنڊِئو، حالُ ھَماري حَقَ، لوئِيءَ ۽ لَڪَ، سَمُنَ سُپِرِيَنِ سين.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، ڏِجِ نِياپا نَي ڪي، ساري ڏيجِ سَرَتِيُنِ، يادِ پَوَنِئِي جيڪي، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪي…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]