پَلُرَ بابت
معنيٰ
تازي وٺل مينھن جو پاڻي.
Rainfall water.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ، وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ، سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ، پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ، چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]