پَلُرَ جي سنڌي معنيٰ
تازي وٺل مينھن جو پاڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rainfall water.
پَلُرَ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ،
وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ،
پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،
سانگِيَنِ وَرِئا ساھَ، اُٺُنِ آبُ اَگوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 2 ]
وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ،
پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،
سانگِيَنِ وَرِئا ساھَ، اُٺُنِ آبُ اَگوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 2 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ،
سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 9 ]
سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 9 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ،
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 10 ]
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 10 ]
English Meaning
Rainfall water.