پَلَئُہ بابت
معنيٰ
ناتي ۾ اچڻ، ڪپڙي جو ور جيڪو ڪنوار ۽ مڙس کي ٻڌو وڃي، تعلق
The hem or border of a garment, a skirt.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ ٿِي پايان، تَہ آيَلِ وَڻِجارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄائُون، مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَّمَدُ مَڃِيائُون،…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- وچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلَئُہ پايان، تَڙِ ٻيڙا گهَرِ سُپِرِين، اوسَهَہ اِيءَ پيئِي، وَڻِجارا سين وَکَرين، سَرَھا سَڀَيئِي، حُرِمَتَ ساڻُ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين، مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ، رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جَڏھِن ساٿِيَنِ ٿي سَڏَ ڪِئا، ٻُڌَئِي نَہ ٻُوڙِي، ھَمراھِي ھوتَنِ سين، تو جُودان نَہ جوڙِي، پَلَئُہ پُنهونءَ ڄامَ جو، جَهلِيُئِي…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]