پَلَئُہ جي سنڌي معنيٰ
ناتي ۾ اچڻ، ڪپڙي جو ور جيڪو ڪنوار ۽ مڙس کي ٻڌو وڃي، تعلق
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The hem or border of a garment, a skirt.
پَلَئُہ جا بيتن ۾ حوالا
وچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلَئُہ پايان،
تَڙِ ٻيڙا گهَرِ سُپِرِين، اوسَهَہ اِيءَ پيئِي،
وَڻِجارا سين وَکَرين، سَرَھا سَڀَيئِي،
حُرِمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُنگِيا نَہ سيئِي،
پاڻِهِين او پيھِي، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 13 ]
تَڙِ ٻيڙا گهَرِ سُپِرِين، اوسَهَہ اِيءَ پيئِي،
وَڻِجارا سين وَکَرين، سَرَھا سَڀَيئِي،
حُرِمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُنگِيا نَہ سيئِي،
پاڻِهِين او پيھِي، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 13 ]
ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين،
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ،
رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 8 ]
اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ ٿِي پايان،
تَہ آيَلِ وَڻِجارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄائُون،
مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَّمَدُ مَڃِيائُون،
پُنِيَنِ مُدَعائُون، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 12 ]
تَہ آيَلِ وَڻِجارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄائُون،
مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَّمَدُ مَڃِيائُون،
پُنِيَنِ مُدَعائُون، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 12 ]
جَڏھِن ساٿِيَنِ ٿي سَڏَ ڪِئا، ٻُڌَئِي نَہ ٻُوڙِي،
ھَمراھِي ھوتَنِ سين، تو جُودان نَہ جوڙِي،
پَلَئُہ پُنهونءَ ڄامَ جو، جَهلِيُئِي نَہ ڊوڙِي،
ناحَقُ نِدورِي، مَٿي راھَ رَڙِيُون ڪَرِيين.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 8 ]