پَرَڏيھِيَنِ بابت
معنيٰ
پرديسين، ڌارئي ملڪ وارن. مسافرن. ڌارين، اجنَبين.
Foreigners, aliens, travellers.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِيئَن اَڙايُئِي پاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيھِيَنِ سين، مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيارو ڪانڌُ، رُلِي ڀانيُئِي راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقَ ٻَروچَ جو.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَھا ٿِئا قَزاقَ، اَھُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پَوي مَ ماڪَ، اَکِيُنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرَڏيھِيَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- گُجَرِ کي گَجميل جُون تارَنِ ۾ تَبَرُون، ھَڻِي حَڪِيمنِ کي، زورَ ڀَرِئو زَبَرُون، ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيھِيَنِ جُون.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، رُوحُ ڪَري رِيھُون، باغَ سَڙِي بُٺُ ٿِئا، وَڻَنِ جُون وِيھُون، ڪاڪِ مَٿي ڪِيھُون، پَسو پَرَڏيھِيَنِ جُون.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- پُڇَڻُ پَرَڏيھِيَنِ جو، آسَڻَ وَٽِ آھي، لَنگهَڻُ جي لاھي، تَہ ھُنِ تان حَقُ لَھي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]