پاسو بابت
معنيٰ
طرف، ڀِڪَ، سِڌُ
A side, direction, quarter, support.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ، پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ، پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کانڌِ کَٿورِي ھوءِ، وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي ڏِسو سَڀَيئِي، سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي، مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو، ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو، کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو، خالِقَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- پَرَ گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ، سو تان تَوِھِين ساڻُ، جَنھِن لَئي جَفائُون ڪَرِيين.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، آئُون ٿِي مَران ماءُ، پِٿُون ٿيِندِيَس پيرَ تي، ھئَي ھئَي ڪَري ھاءِ، جِيئَڻُ مُون نَہ جُڳاءِ، پِرِيَنِ…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- کُھِي نَہ کوڙي، پاسو پَٻَ وَرَنِ ۾، ڇورِي نَہ ڇوڙي، سَندو سُورَنِ سَندِرو،[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- مُون کي ڏِنَڙو دوسِتَ دِلِاسو ڀَلو جيڏِيُون، ڏِنَڙو يارَ دِلِاسو، جُڙِي آھِيان، ھيڏانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪيڏانھَن وارايان پاسو، ھَنڌَ حَويلِيُون…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- لَووَرياڙي آھِيان، وارِيان تان نَہ وَرَقُ، سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ، ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ، سَندو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- پَنَ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، بِھَ ڏوڏا ڏاجونِ، نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ، رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]