ٻَڌنِ بابت
معنيٰ
سوگهو ڪن، رسِي يا نوڙيءَ وغيرہ سان سوگهو ڪن، جڪڙن. ويڙهن. ڳنڍ ڏين. ڳنڍن. سُڪَ ڪن، مضبوط ڪن، قابو ڪن. جهلن، پڪڙن. گرفتار ڪن. جوٽن ڍڳا، نار يا هر ۾.
Tighten, make bond, bind, arrest, pack firmly.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ، وَٽان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ، جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ، لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن، ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ، ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- وِندُرِ جٖي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَڌنِ سَندِرا، ٻِيُون ڪوھُ ٻَڌنِ، ڇوڙي جٖي ڇَڏِيندِيُون.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ ٻَڌنِ، ھُوءِ جٖي ٿا ھَلَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]