ٻوڙا بابت
معنيٰ
ڪنن کان چِٽو نہ ٻُڌندڙ ، نہ ٻڌي سگهندڙ، گهٻرو.
Deaf
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا، ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي پاکوڙا، اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا، ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا. ڳاڙِيَم ٿي…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ، اُنِين جي اوطاَقَ، راجا رِيجِهي آيو.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پَينامُ، اُنِين کي اِنعامُ، مَڃَرُ مِڙيوئِي ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- قُوتُ جَنِ جو ڪُوڻِيُون، پَرَھَنِ پاٻوڙا، پايو مُنھُن مَھِراڻَ ۾، ڪَڍَن ڪالوڙا، جَنِ تي ڏَنَ ھُئا ڏوڙا، سي سَڀَ اِنعامِي…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]