ٻولُ بابت
معنيٰ
سخن، گفتگو. قول، عھد. اَلَستَ جو پيمان. ڳالهاءُ.
A promise, engagement, contract.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُون کي ڀانئين ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا ھَلِئا، اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ، ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- تو جو ٻولُ ٻَروچَ، ويھِي ڪِئو وَڻِڪارِ ۾، سوئِي پارِجِ ھوتَ، وِلِهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- پھرِين تُون پاريجِ، پارَڻُ پوءِ پُنهونءَ تي، ٻولُ وِساريجِ، ھُو جو ڪِيَئِي ھوتَ سين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪِينَ سَھان ٿِي سُپِرِين، ڇَپَرَ جُون ڇولُون، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اولُون، ٻانڀَڻِ سين ٻولُون، پِرِين پارِجِ پانھِنجُون.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]