وِھاڻو بابت
معنيٰ
سراڻو، تڪيو. بستري تي ڪنڌ رکڻ لاءِ سراڻو.
A cushion, bolster, pillow.
بيتن ۽ وائين ۾
- ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي پانھِنجي، جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ، وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهونءَ جو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سُتي سَنڀِرِئوم، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو، ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ، سَڄَڻ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]