وِھاڻو جي سنڌي معنيٰ
سراڻو، تڪيو. بستري تي ڪنڌ رکڻ لاءِ سراڻو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A cushion, bolster, pillow.
وِھاڻو جا بيتن ۾ حوالا
ماءُ وِھاڻو وارِ، کَڻُ پَٿِراڻِي پانھِنجي،
جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ،
وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهونءَ جو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 4 ]
جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ،
وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهونءَ جو.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 4 ]
سُتي سَنڀِرِئوم، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو،
ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ،
سَڄَڻُ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 20 ]
ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ،
سَڄَڻُ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 20 ]
English Meaning
A cushion, bolster, pillow.