وِچِين بابت
معنيٰ
اڳين کان پوءِ ۽ سج لٿي کان اڳ وارو وقت، وچين نماز وارو ويلو، پڇاڙي، (وچين= ويتر وڌيڪ ٿيندي ٿي وڃي.)
Sunset time
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري ، گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ، سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، سانجِهيءَ رَھَنِ سُمَهِي، بُکَ مَرَندي بِکِئا، ڪَنھِن کان ڪِينَ گُهرَنِ، ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳِئا پِنِي ماٺِ جِي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ، وِھاڻِيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ، مَھيسِي…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ دَڙَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، تَنِ مَحَبَتِيَنِ مَڙَهَ، جِيجان ھَڻِي جَڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي ڪَڻِڄَ ڪُوڪَ، ساڙي سِڪَ سَنها ڪِئا، مُحبَتِي مَلُوڪَ، تَنِيءَ سَندِيءَ ھُوڪَ، جيڪَرَ جوڳِياڻِي ٿِيان.[ سُر پورب - جوڳي ]