وِيھَ بابت
معنيٰ
ڳاڻيٽي جو هڪ تعداد، ويھڻ جي مجموعي صورت، ڳڻپ ۾ آساني پيدا ڪندڙ انگ جيئن ٻہ ويھون، ٽي ويھون، ڪوڙِي. (منڇر جو اصطلاح). پکين جون ويھ جوڙيون.”فلاڻي جي ويھ هيتري وڪاڻي.“
Twenty.
بيتن ۽ وائين ۾
- تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو، ڪِھَڙِي ڪاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيھَ، جي وَرَقَ وَرائِيين وِيھَ، تَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪيچان اوري ڪيتِريُون، مَعذُورِيُون مُيون، واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- لَڪَ تُنھِنجُو ڳالِهِيُون، مُون سين اوٺِيَنِ اَڳَ ڪِيُون، پَسِي پِيشيمانِيُون، ھاڙھو ھيڪَلِيُون، واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪوھُ ڄاڻان ڪيھِيءَ وِئا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي، جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ، جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي جَنگيلِيءَ چِيھَ، اونائِي عَلِيلَ جِي، مَٿي راجا رِيھَ، جي سِرَ ھُونِمِ وِيھَ، تَہ تَندُ مُقابِل…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ وِيھَ، پَسِي مِيءَ ڪِي ڌِيءَ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]