وِيءُ بابت
معنيٰ
وکر، سودو، سامان، زمين جو ٽڪرو، چراھو، سيڌو
Thing, stuff, area of land, land, something
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ، کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ، پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ، سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، جاجِڪُ وَٺِي جِيءُ، ڪَنا نَارٌ حَامِيَةٌ ، ھاڻِ بَچائِج ھِيءُ، والِي ڏِيارِيين وِيءُ، جِتِ آھِ جَناتُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان مَنجِهين رَھين، ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ، جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪِينَ پِيالو پِيءُ، ”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي، سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- سَمي ساماڻي، سَمَرُ کَڻو نَہ ساٿِئا، ڇَنا ڇانئي ڇَڏِئا، مَنَھَن مَهماڻي، ھَلِبو ھاڻي، جِتِ وَحدَتَ جو وِيءُ وَھي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، حَمدُ جَنِي جو هِيءُ، ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِيءُ پِيالو پِيءُ، جِتِ وِراهِبو وِيءُ، تِتِ ڪاڻِيارِي…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]